عبدالله راهي لکوي ميان

عبدالله راهي لکوي، ميان: مشهور شاعر ۽ حڪيم مولوي عبدالله ولد ڌڻي ڏنو مهر، 1860ع ڌاري لکي غلام شاهه، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم اباڻي شهر لکيءَ مان وٺي 1878ع ۾ شڪارپور سينٽر مان سنڌي فائنل پاس ڪيائين ۽ 1880ع ۾ پرائمري استاد ٿيو. عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم مرشد خواجا محمد سعيد مڪي لنواريءَ وٽ حاصل ڪيائين. مختلف عالمن وٽان درس حاصل ڪري 1900ع ۾ دستاربند ٿيو. عبدالله راهي، خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جو مريد هو. زندگيءَ جو تمام وڏو حصو اتي گذاريائين. نوڪري به اتي ئي ڪيائين. حڪمت جي تعليم لکيءَ جي ساداتن کان حاصل ڪيائين. عبدالله، شاعريءَ ۾ ‘راهي’ ۽ ‘عبدالله’ تخلص طور استعمال ڪندو هو. هن جي شاعريءَ جو گهڻو حصو پنهنجي مرشد جي شان ۾ چيل ڪلام ملي ٿو. هن ڪافي، حمد، سه حرفي، غزل، قصيدا، مدح، مولود ۽ مرثيا لکيا. عبدالله راهيءَ جي همعصر شاعرن ۾ امام بخش خادم ۽ رکيل شاهه قابل ذڪر آهن. هيءُ امام بخش خادم جو دوست هو. ساڻس ڪچهريون پڻ ٿينديون رهيون. عبدالله راهيءَ جو ڪجهه ڪلام امام بخش خادم جي ڪلام ۾ پڻ ملي ٿو. عبدالله جو ڪيترو ئي ڪلام هفتيوار اخبار ‘پيغام ڪل’ ۾ شايع ٿيو.
ميان عبدالله شاعر سان گڏ سٺو نثر نويس پڻ هو. هن مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي بيتن جي شرح پڻ لکي. هيءُ سٺو حڪيم هو. غريبن جو مفت علاج ڪندو هو. روزي نماز جو پابند هو. سندس تصنيفن ۾ مدح سلطان الاولياءَ خواجا محمد زمان لنواري، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي بيتن جي شرح، خطبات نماز ۽ بياض عبدالله قابل ذڪر آهن. هن 30 آڪٽوبر 1940ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو